شاهه محمد دودائي

شاهه محمد دودائي: مغل گورنر جي دور ۾ جڏهن معزالدين ميان يار محمد خان ڪلهوڙي کي سرڪاري منصب سان سبيءَ ۽ گنجابه جي نظامت ڏني ته غازي خان ڍاڍرائي جي پٽ شاهه محمد دودائيءَ هنگامو برپا ڪري ڏنو. بغاوت کانپوءِ شاهه محمد دودائي مخالفاڻه ڪارروايون جاري ڪري ڏنيون. اهو ڏسي ميان يار محمد کي محمد معزالدين شهزادي حڪم ڏنو ته، شاهه محمد سان جنگ ڪر. ميان يار محمد هڪدم مير شهداد خان ٽالپر کي شاهه محمد جي بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. مير شهداد خان لشڪر ساڻڻ ڪري شهزادي معزالدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان کانپوءِ سبي، گنجابه ۽ ڍاڍر ۾ شاهه محمد جي بغاوت کي ختم ڪيو. شاهه محمد مقابلي جي طاقت نه رکندي ايران ڀڄي ويو ۽ ان جو ڪٽنب قلات جي بروهين وٽ هو. انهي بغاوت کي ختم ڪرڻ تي شهزادي معزالدين مير شهاداد خان کي ڀٽ باران جي زمين جاگير طور ڏني.


لفظ شاهه محمد دودائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو